اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت ڪالهه خميس ڏينهن هتي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان مو??عي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اردن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا. ٻنهي ملڪن جا ترقي پسند موقف سان گڏ دنيا جي امن ۽ استحڪام سان گڏيل مفاد لاڳاپيل آهن. هن چيو ته پاڪستان اردن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي شاهه عبدالله (ٻي) جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس دانشمنداڻي قياد?? ۾ ??ردن جي عوام مختلف شعبن ۾ شاند??ر ترقي ڪئي آهي. ان مو??عي تي ليفٽيننٽ جنرل محمود اي فراحت والهاڻي استقبال تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ اردن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقا?? ۾ ??فاع وارو وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اردن جو سفير نواف خليفه ۽ سينئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.
وزيراعظم سان اردن جي هٿياربند فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ليفٽيننٽ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ