گڏيل قومون-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خاص هنگامي اجلاس ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي، ته اهو فلسطيني سر زمين تي فوري طور تي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ عالمي عدالتي حڪمن تي عمل ڪري. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خاص هنگامي اجلاس ۾ چئي جتي هڪ ٺه??اءَ جي مسودي تي غور ڪيو پيووڃي، جنهن ۾ 12 مهينن اندر فلسطيني سر زمين تي اسرائيل جو قبضو ختم ڪري ان ملڪ خلاف هٿيارن جي پ??بن??ي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي نمائندي 193 رڪني جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان هنگامي اجلاس جو سبب جولاءِ ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران جاري ٿيل فيصلي تي عمل تي زور ڀرڻ آهي. هن چيو ته آءِ سي جي ان فيصلي ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو يو آهي، ته اولهندي ڪناري، والاريل بيت المقدس ۽ غزه تي اسرائيل جو قبضو ۽ ان قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ واريون ڪوششون ۽ انهن جون ??يڪيورٽي پاليسيون ??المي قانون ??ي ٻن بنيادي اصولن جي خلاف ورزي ڪن ٿيون، جن ۾ ماڻهن کي سندن خوداراديت واري حق ڏيڻ ۽ طاقت جي استعمال سان علائقي تي قبضو نه ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته آءِ سي جي جو فيصلو انصاف لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ۽ اميد جي نشاندهي ڪري ٿو. فلسطين پاران پيش ڪيل ٺه??اءَ جي مسودي کي پاڪستان جي حمايت ۽سرپرستي حاصل آهي، جنهن ۾ آءِ سي جي جي فيصلي تي عملدرآمد تي زور ڀريو ويو آهي. ميمبر ملڪن جي هڪ وڏي انگ مسودي جي متن تي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو آهي. اميد آهي ته جنرل اسيمبلي مسودي تي ڪارروائي ڪندي. ٻئي پاسي اسرائيل ان ٺه??اءَ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته فلسطين تي 50 سالن کان اسرائيل جو ظالماڻو قبضو، غيرقانوني ۽ جاري يهودي آبادڪارن کي رهڻ لاءِ فلسطينين جون ??مينون، ملڪيتون ۽ گهر ڏيڻ آهن. والاريل فلسطين ۾ الڳ الڳ نسل پرستي جي حڪمراني لاڳو آهي. منير اڪرم چيو ته ٺه??اءَ جي منظوري لاءِ فلسطين جي حوالي سان ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن خاص ڪري سلامتي ڪائونسل جي موقف جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت پوندي. ان کي عالمي برادري جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن اها اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي نسل ڪشي واري فوجي مهم ۽ اولهه ڪناري ۾ پنهنجي ڪارروائين کي روڪڻ ۽ اتان کان پنهنجي فوج کي واپس گهرائڻ تي مجبور ڪري. عالمي برادري کي فلسطينين کي پنهنجي خوداراديت وارو حق استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، جن مان هڪ اهو آهي، ته فلسطين کي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر تسليم ڪيو وڃي ۽ ٻيو اهو ته ٻه رياستي حل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ فلسطين تي عالمي ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته آءِ سي جي جو فيصلو ايڊوائيزري اوپنين آهي ۽ ٺه??اءَ جي منظوري فلسطيني عوام جي ڏکيائين جي خاتمي طرف هڪ فيصلائتو قدم ثابت ٿ??ندو. انشاء الله فلسطين جلد آزاد ٿيندو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ خبردار ڪيو هو ته اسرائيل جي قيام جا سنگين نتيجا نڪرندا ۽ هاڻي تاريخ انهن نتيجن جي گواهه آهي. فلسطين ۾ 50 سالن کان اسرائيل جو ظالماڻو قبضو، غير قانوني ۽ جارح يهودي آبادڪارن کي رهڻ لاءِ فلسطينين جي زمينن، ملڪيتن ۽ گهرن جو حصول جاري آهي. پاڪستان جي نمائندي چيو ته پاڪستان آءِ سي جي جي مشاورتي راءِ ۽ ٺه??اءَ جي مسودي جي منظوري جي مقصدن ۽ فيصلن کي فعال طور هٿي وٺرائيندو.
اسرائيل فلسطيني سرزمين تي قبضي جي فوري خاتمي لاءِ عالمي عدالت جي حڪمن تي عمل ڪري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ