گڏيل قومون -14 مئي (اي پي پي) رفح ۾ اسرائيل جي بمباري جاري اهي، ان دوران هڪ هفتي ۾ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراه??ي اٽڪل معطل آهي ۽ اسرائيلي بمباري ۾ گڏيل قومن جو هڪ ۽ امدادي ڪارڪن به مارجي ويا آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ اسرائيلي فوج طرفان اوڀر رفح ۾ رهندڙ فلسطيني شهرين کي پنهنجون پناهه گاهون ڇڏڻ جو حڪم جو حوالو ڏيندي ??يو ته هڪ هفتو په??ين نيڪال جي په??ين حڪم کان پوءِ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني رفح مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. غزه ۾ اسرائيلي جن?? ۾ ??ارجي ويل گڏيل قومن جي عملي جو انگ 189 ٿي ويو آهي. گڏيل قومن غزه ۽ اولهه ڪناري جي 30 لک کان وڌيڪ فلسطيني شهرين جي مدد لاءِ ??ڪ ڀيرو ٻيهر 2.8 بلين ڊالرن جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز