گڏيل قومون- 24 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انونيوگوتريش چيو آهي ته اسرائيل حڪومت پاران اعلي سطح تي ٻه رياستي حل کي واضع طور تي بار ??ار ??د ڪرڻ ڪرڻ قبولڻ جوڳو نه آهي،گذريل ڏينهن وچ اوڀر بحران تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اعلي سطح جي اجلاس کي خطاب دوران هن غز?? ۾ وڌيڪ امداد جي رسائي جو مطالبو آهي، هن چيو ته غز?? جي آبادي وڏي پيماني تي تاريخي تباهي برداشت ڪري رهي آهي. ڪير به فلسطيني عوام جي اجتماعي سزا جو سبب پيش نه ٿو ڪري سگهي، سيڪريٽري جنرل سلامتي ڪونسل کي ٻڌايو ته غز?? ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي ، غز?? جا شهري لڳاتار ??مباري سبب شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن ۽ اتي ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي ويون آهن جنهن سبب صورتحال اڃا به وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته اسان فوجي ڪارواين دوران حراست ۾ ورتل فلسطينين سان اسرائيل جي غير انساني سلوڪ وارين رپورٽن تي پريشان آهيون. سيڪريٽري جنرل هڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدردي جي بنياد تي فوري طور تي جنگ بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
اسرائيل پاران ٻه رياستي حل کي رد ڪرڻ قبولڻ جوڳو نه آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena