جڪارته_17 جنوري(اي پي پي) انڊونشيا جي پرڏيهي وزير ريتنو م??رس??دي چيو آهي ته سندس ملڪ فلسطين تي اسرائ??ل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ ل??ءِ انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ ٻڌڻي ل??ءِ قانوني دليلن جي تياري ڪري رهيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب انصاف جي عالمي عدالت 19 فيبروري تي نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ عوامي ٻڌڻي ڪندي، جتي ڌريون فلسطيني علائقن تي اسرائ??ل جي قبضي جي قانوني نتيجن تي پنهنجا دليل پيش ڪنديون، آءِ سي جي آخر ڪار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ل??ءِ هڪ نان بائنڊنگ ايڊوائزري جاري ڪندي، جنرل اسيمبلي ڊسمبر 2022 ع ۾ ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پڻ منظُور ڪيو هو، واضع رهي ته غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، پرڏيهي وزير انڊونشيا ۾ عالمي قانوني ماهرن سان ڳالهين کان اڳ چيو هو ته انڊونشيا آ سي جي کي ايڊوائزري جي درخواست ڪرڻ ۾ جنرل اسميبلي جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته عالمي قانون کي برقرار رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائ??ل جي فلسطين خلاف عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي کي دنيا کي ڏيکارڻ ل??ءِ هڪ جامع قانوني ر??ءِ قائم ڪرڻ ض??وري آهي،هن چيو ته اسرائيل پا??ان فلسطيني علائقن ۽ بيت المقدس جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، انڊونشيا جي سمورين ڪوششن جو بنيادي مقصد فلسطيني جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ ل??ءِ سمورن ممڪنه طريقن کي ڳولهڻ آهي.
انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطين تي اسرائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون: انڊونشيا جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز