اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تا??ين مڪمل ڪري وٺندا، اليڪشن ڪميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 13 کان 14 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو، آ??ين موجب اليڪشن ڪميشن نتيجن جي اعلان کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، 15 آگسٽ تا??ين قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ آئ??ني گهرج آهي،. هو نيشنل آرڪائيو جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، وفاقي وزير چيو ته آ??ين ۽ چونڊ ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن جون 7 ذميداريون آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميداري اليڪشن نتيج?? جوڙڻ آهي جنهن کانپوءِ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ، نوٽيفڪيشن کانپوءِ 10 ڏينهن جي اندر اميدوارن جي چ??نڊ خرچن جا گوشوارا جمع ڪرڻ، آ??ادي اميدوارن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ، پارٽي جون لسٽون جاري ڪرڻ، عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون جاري ڪرڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ