اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ چين جي نائب وزيراعظم وينگ ي??نگ چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جاري رهندو ۽ ٻئي ملڪ انسانيت جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ ??ي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ هي اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ سامهون آيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ هئا. صدر پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي 70 هين سالگرهه جي تقريبن ۾ اعليٰ ترين سطح تي چين جي شرڪت تي معزز مهمان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن تي پرخلوص رشتي جو اندازو ٿئي ٿو.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil