ويٽي ڪن – 01 اپريل (اي پي پي) ڪيٿولڪ چرچ جي سربراهه ۽ عيسائين جي روحاني پيشو?? پوپ فرانسس غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ سمورن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. جرمن نشرياتي ??دا??ي مطابق هن ايسٽر سنڊي جي خطاب دوران جنگين سبب پيدا ٿ??ل مشڪلاتن تي افسوس جو اظهار ??يو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان ۽ تباهي تي افسوس جو اظهار ??ندي جنگبندي جي پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪئي. ??ن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪري ٿو ته غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. يرغمالين جي فوري آزادي ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جي اپيل ڪريون ٿا. ??ن چيو ته اسان ٻارن جي اکين ۾ وڌيڪ ڪيتريون تڪليفون ڏسنداسين، انهن جنگي علائقن ۾ ٻار مسڪرائڻ وسري ويا آهن. انهن اکين سان ٻار اسان کان پڇن ٿا، ڇو؟ اهي سڀ شهادتون ڇو؟ اها سڀ تباهي ڇو؟ جنگ هميشا کان هڪ بي معني شي ۽ ان ۾ شڪست هوندي آهي.
پوپ فرانسس جو غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ریل رش