اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته آم??يڪا اسان جي قربانين کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته ايشيا پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪري نه ته تاريخ ۾ اسان کي معاف نه ڪيو ويندو، خطي ۾ آم??يڪا، اسرائيل ۽ ڀارت جو نئون ڳٺ جوڙ ٺهي رهيو آهي ۽ سپر پاور وچ اوڀر جي توانائي جي ذخيرن تي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو، آم??يڪي دستاويزن موجب روس، چين، ايران، اتر ڪوريا ۽ جهادي دهشتگرد آم??يڪا جي لاءِ چئلينج قرار ڏنا ويا آهن جڏهن ته چين ۽ روس کي آم??يڪي سلامتي ۽ خوش??ال?? متاثر ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڇهه علائقائي ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز