اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد نواز شريف ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي ۾ تمام ڪامياب رهي آهي. هن اها ڳالهه نا??وي جي پرڏيهي بورج برينڊي سان ڳالهائيندي چئي ??نهن وفد سان گڏ وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نا??وي جي پرڏيهي وزير ڪوئيٽا سانحي تي نا??وي جي وز??را??ظم ۽ عوام پاران تعزيت پهچائي. وز??را??ظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جو خاتمو سندس حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان قومي اتفاق راءِ جوڙڻ کانپوءِ دهشتگردن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو، جاري ضرب عضب آپريشن سڄي ملڪ مان دهشتگردي کي روڪڻ ۾ تمام ڪامياب رهي آهي، ان سان دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو جن بعد ۾ مايوسي ۾ آسان هدفن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ