اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پ?? پي) قومي خابرو ??دا??ي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي جدوجهد ۽ قربانين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو اي پ?? پي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ والاري?? ڪشمير ۾ عوام تي ڀارتي ظلمن جي خلاف ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان دعائيه تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اي پ?? پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجي خطاب ۾ ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلمن جو جهڙي جرئت ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو آهي ان جي نتيجي ۾ هو ضرور فتح حاصل ڪندا .
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز