اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي ??ابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو و??و، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم ر??ول??نڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي ??ابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي ??خبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽ?? ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي ??حافتي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، شفيقاڻي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر صحافتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي ??ابرو اداري مان رٽائر ٿيو.
اي پي پي جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی