اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضروري قاعدن جو خاتمو، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خي??لن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ ڪراچي جي ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم نثار، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيص?? معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر نثار، اجمل افضل ۽ زبير باويجه شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ ج?? گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، و??ير??عظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي عمل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي پالي??ين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪاروباري برادري کي درپيش مشڪلاتن کان به و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو.
ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ