اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو ٿي ويو آهي. وفد جي قيادت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال ڪر?? رهي آهي. وفد مظفرآباد ۾ پناهگير ڪئمپ ۾ ڪشميري خاندانن سان ملاقات ڪندو، وفد ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي قربانين تي انهن کي سلام پيش ڪندو. رواني ٿيڻ کان اڳ ڳالهائيندي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي گذريل سال جي مذمت جوڳي قدم جي خلاف پوري قوم احتجاج ڪر?? رهي آهي، ڀارت 70 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون کليل خلاف ورزيون ڪر?? رهيو آهي، دنيا کي ڪشميرين ??ي خودمختياري جو حق ڏي??رڻو پوندو، ڀارت جون هند?? انتهاپسند فاشسٽ پاليسيون خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان وفد کي روانو ڪيو.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي لاءِ عورت پارليامينٽرين جو وفد مظفرآباد روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ