اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آ??ن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو ??ڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سا?? ايس او پيز تي عملدرآمد ??اب?? تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.
ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ