اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي م??ڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي م??رسن ۾ تعل??م پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي م??اورت سان تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي س??ن گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان س??ن گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي م??لي م??ڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتون تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعليم جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.
ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش