اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪرونا وائرس بابت ع??ام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ت?? ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ل??ءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام ل??ءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي سدائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي صحيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وائرس بابت شعور اجاگر ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ