اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت ??وا?? شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني ف??اه?? ڪئي، حڪومت ??وا?? شريف جي صحت جو معاملو ڪابينا ۾ کڻي وئي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شوئرٽي بانڊ تي واويلا ڪئي وئي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سان معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، ??وا?? شريف جي حوالي جيڪو فيصلو آيو آهي ان ۾ به عدالت شوئرٽي گهري آهي جيڪو وڌيڪ آئيني ۽ قانوني حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، ??وا?? شريف جو انساني ۽ قانوني مسئلو آهي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل معاهدن تان ڦرندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل انور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
حڪومت نواز شريف کي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی