دمشق _ 12 ڊسمبر (اي پي پي) شام ۾ باغين روس فرار ٿيل صدر بشارالاسد جي والد حافظ الاسد جي مقبري کي باهه ڏئي تباهه ڪري ڇڏيو آه??. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان واقعي جي وڊيوز ۾ هٿياربندن کي حافظ الاسد جي اباڻي علائقي قرداحه ۾ واق?? سندس مقبري ۾ نعرا لڳائيندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته مقبري کي باهه لڳل آه??. شام ۾ باغين طرفان ملڪ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد کانپوءِ سڄي ملڪ مان ??ڳوڻي صدر ۽ سندس والد حافظ الاسد جي پوسٽرن ۽ مجسمن کي هٽايو پيو وڃي. حافظ الاسد 1971ع کان 2000 ع تائين شام تي حڪومت ڪئي. سندس موت بعد سندس پٽ بشارالاسد کي ملڪ جو صدر بڻايو وي?? جنهن اٽڪل 24 سالن تائين ملڪ تي حڪومت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز