اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترقي جي حوالي ??ان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ??اري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خي??رپ??تونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خي??رپ??تونخوا جي ناڻي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان ??خت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان ??لد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا باقي صوبن ??ان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن ??ان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن ا??ان ان ??و اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.
وزيراعظم جي صدارت ۾ فاٽا علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : ریل رش