اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ جديد جمهوري رياست آهي جتي ميڊيا کي مڪمل آزادي حاصل آهي ۽ اها معاشري جي نگران جو ڪردار ادا ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ ميڊيا جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي سياحتي جاين جي ڪري به سڃاتو وڃي ٿو ۽ پاڪستان ۾ سياحن جي دلچسپي جون ڪيتريون ئي دلفر??ب ۽ خوبصورت جايون آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز