لاهور – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي معاشي ?? انتظامي چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس سڌارتي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي، نيڪ نيتي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ ملڪ ج?? مڊل ڪلاس طبقو اسان جي سياست جو محور آهي، سعودي عرب پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شامل ٿيندو، مينهون وڪرو ڪرڻ جو مقصد ڪو مالي فائدو نه پر سادگي مهم کي عوام تائين پهچائڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي مقامي هوٽل ۾ پنهنجي مان ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ماڻهن وٽ دوا جا پئسا نه آهن ته اهڙي صورت ۾ وزيراعظم ڪيئن شاهاڻي انداز ۾ رهي سگهي ٿو. ملڪ ج?? غريب طبقو حڪومتي ڪارڪ??دگ?? مان مطمئن نه هو پر هاڻي اسان جي جدوجهد انهن جي لاءِ ئي آهي، اڳ ۾ وزيراعظم هائوس جو ماهوار خرچ هڪ ارب کان وڌيڪ هو جيڪو هاڻي ڪجهه لکن ۾ ٿيڻ لڳو آهي.
حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ انتظامي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania