گڏيل قومون- 08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن پر پوءِ به سفارتي محاذ تي سندن نمائندگي تمام گهٽ آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي عورتن واري شعبي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??يم??باهوس عالمي برادري کي سڄي دنيا جي عورتن جي تحفظ ۽ حقن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ه?? ا??غانستان جي حوالي سان ٻڌايو ته اتي عورتن تي يونيورسٽي?? ۽ ??ارڪن ۾ وڃڻ تي پابندي آهي جڏهن ته نوڪرين مان به ڪڍيو ويو آهي. روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان چيو ته جنگ سبب 80 لک يوڪرين جي شهرين کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي جن ۾ 90 سيڪڙو عورتو?? ۽ ??ار آهن جڏهن ته جيڪي ماڻحو پنهنجي ئي ملڪ اندر بي گهر ٿيا آه?? ا??هن مان به 70 سيڪڙو عورتون آهن. هن عالمي اڳواڻڻ تي زور ڀريو ته اهي سال 2000ع ۾ منظور ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تاريخي ٺهرائن مطابق ڪم ڪن، جن۾ تڪرارن جي حل ۽ عورتن جي حقن لاءِ زور ڀريو ويو آهي.
جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ