اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا وال??ري?? ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن، 30 ڏينهن کان جاري ڪرفيو ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هڪ زبان ٿي عالمي فورمن جو هر دروازو ٺُڪائيندو، هر جمعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جو سلسلو جاري رهندو، ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري يورپين پارليامينٽ ۽ او آءِ سي پاران وال??ري?? ڪشمير بابت موثر آواز بلند ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معا??ن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ مي??يا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ اسپتالن جي گند ڪچري کي صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماحول تي پوندڙ منفي اثرن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽري گند ڪچري کي مناسب طريقي سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان قا??ونن تي موثر عملدرآمد ڪرائين ۽ جتي ضروري سمجهيو وڃي انهن قا??ونن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
ڪابينا پاران والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ ڀارتي قدمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ