اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا، هر ڪرپٽ عنصر جو بنا فرق جي احتساب ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اسان جو ووٽر به ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چي??لز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مشاهد الله خان س??يت سندس 6 ڀائي ۽ ڪزن پي آءِ اي ۾ ڀرتي ٿيا جيڪا مڪمل طور تي سياسي ڀرتي آهي ۽ کين ترقيون به سياسي بنيادن تي ڏنيون ويون، مون ان جو ڪيس ايف آءِ اي ک?? موڪلي ڇڏيو آهي، مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ لنڊن، هڪ نيويارڪ ۽ هڪ پيرس ۾ اسٽيشن مينيجر آهي، هن چي?? ته مشاهد الله جو هڪ ڀاءُ آمريڪا ۾ پي آءِ اي جي فلائيٽس بند ڪرائي آيو، هي ان جي ڪارڪ??دگ?? آهي، هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گذريل حڪومتن جي طرح نه هلندي ۽ هر ڪرپٽ عنصر جو احتساب ڪندي ۽ چو?? کي ان جي گهر تائين پهچايو ويندو ڇو ته اسان انهي بنياد تي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري آيا آهيون ۽ ماڻهو اسان مان اميد به رکن ٿا ته اسان چو?? کي بي نقاب ڪريون ۽ هر هڪ جو احتساب ڪريون.
2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي احتساب جي نالي تي ووٽ مليا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی