اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه اربع ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ڀارت پاران اشتعال انگيز فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا عوامي نمائندن ۽ عوامي عهديدارن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا سينيٽ چيئرمين، قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، قوم?? اسيمبلي جي ڊپٽ?? اسپيڪر، پارليامينٽ ميمبرن، وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني آهي، اهو معاملو 13، 14 سال?? کان التوا ۾ پيل هو، عوامي نمائندن ۽ عوامي عهدو رکندڙن جون بنيادي پگهارون صوبائي نمائندن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيون.
اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری