اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشري??ت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ترقي ۽ خوشحالي جو لنگهه ٿابت ٿيندو، پاڪستان گوادر جي ترقي سان گڏوگڏ خطي ۾ ٻي??ن بندرگاهون قائم ڪر?? جي به آجيان ڪنداسين، پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام نه هڪ ارب ماڻهن جا لاڳاپا آهن. پاڪستان ب??اڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي اطلاعات، نشري??ت ۽ قومي ورثي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۽ چين آئرن ب??ادرز“ جي عنوان سيمينار سان خطاب ڪندي هن چيو ته اقتصادي لنگهه منصوبي سان ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ترقي جا چشما جاري ٿيندا جنهن سان انسانيت کي فائدو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا