بيجنگ-28 آگسٽ (اي پي پي) چين ۾ انٽرنيٽ جي ترقيءَ تي 52هين شمارياتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. چ??ن جي خابرو اداري مطابق چائينا انٽرنيٽ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق جون 2023ع تائين چ??ن جي انٽرنيٽ صارف??ن جو ڳاڻيٽو 1.79 ارب تائين پهچي ويو، جنهن ۾ ڊسمبر 2022ع جي ڀيٽ ۾ 11.09 مل??ن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي ۽ انٽرنيٽ تائين رسائيءَ جي شرح 76.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ مان خبر پوي ٿي ته نيٽ ورڪ جي انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان جون 23ع تائين چين ۾ ڊومين نيمز جو ڪل انگ 30.24 ملين آهي، فعال آءِ پي وي 6 صارف??ن جو انگ 767 ملين ۽ موبائل فون بيس اس??يشنن جو مجموعي انگ 11.29 ملين تائين پهچي ويو، جنهن مان 2.937 ملين 5 جي بيس اس??يشن مڪمل ۽ فعال آهن، جيڪي موبائل بيس اس??يشنن جي ڪل انگ جو 26 سيڪڙو آهن. موبائل انٽرنيٽ ايپليڪيشنز تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ۽ گهريلو ماريڪٽ ۾ فعال ايپ?? جو انگ 2.6 ملين تائين پهچي ويو آهي. 52هين ”چ??ن جي انٽرنيٽ نيٽ ورڪ جي ترقيءَ تي شمارياتي رپورٽ“ مطابق سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چ??ن جي مارڪيٽ جي طلب جي بتدريج بحالي جي پس منظر ۾ ڊجيٽل معيشت مستحڪم ترقيءَ لاءِ هڪ اهم انجڻ بڻجي وئي آهي جنهن معاشي بحران کي مضبوطيءَ سان هٿي وٺرائي آهي. سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ ۾ قومي آن لائن ريٽيل سيل 7.16 ٽريلين يوآن رهي، جنهن ۾هر سال 13.1 سيڪڙو اضافو ٿي ريهو آهي جنهن سان ڳوٺاڻي آن لائن ريٽيل سيل 1.12 ٽريلين يوآن تائين پهچي وئي، جنهن ۾ هر سال 12.5 سيڪڙو جو اضافو ٿي رهيو آهي. ڊجيٽل معيشت جي هڪ اهم شڪل طور آن لائن خريداري کپت جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
چين ۾ انٽرنيٽ جي ترقيءَ تي 52هين شمارياتي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : números dupla sena