اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آ??ي، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آ??ي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ??ميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي ??ڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي ??فتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي ??گهه، جديد ٽيڪنالاجي ??ي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگه??. ه?? چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي ??واب ۾ قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??. ه?? چيو ته وزيراعظم جي ??عتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ?? سڄي ملڪ جي ميڊيا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي ??رابر آه??. ه?? چيو ته جمهوريت جي ??ستحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي ??ندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي ??ڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آ??ي، اظهار جي ??اءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي ??در بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ميڊيا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ??دائيگي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي ايوان جي ??ندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي ??جازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.
آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي: اسپيڪر/سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria