اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ ??خب??رون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ ??خب??رن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نش??يا?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اج??اس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نش??يا?? بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اج??اس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نش??يا?? ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ