اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت کي مخالف ڌر پاران ڀرپور تعاون جي آڇ ڪندي چيو آهي ته سڄي دنيا کي مثالي اتحاد ۽ ٻڌي سان متحد پارليامينٽ ۽ متحد پاڪ??تا?? جو آواز ويندو، اسان جي هٿياربند فوج دشمن کي سبق سيکارڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته پاڪ??تا?? جي تاريخ ۾ اهو وڏو اهم موڙ آهي ۽ ان جي اسان کي اجتماعي بصيرت، جرئت ۽ همت کان ڪم وٺڻو پوندو، هڪ ??رف ڪشمير جي وادي ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي چڪي آهي، ٻئي ??رف هڪ اسان جو دشمن جنهن سان اسان جو واسطو آهي ان وري 1971ع کانپوءِ پاڪ??تا?? جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪو هڪ سنگين عالمي ڏوهه آهي ۽ چار ڪلوميٽر اندر آيا پوءِ بم ڪيرائي تڪڙ ۾ واپس هليا ويا.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ