بيجنگ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) عوامي جمهوريه چين جي ثقافت واري وزير مسٽر لوشو گانگ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات شاهراهه ريشم بابت عالمي ثقافتي نمائش جي موقعي تي گانسو صوبي جي شهر ڊو آنگ هوانگ ۾ ٿي. چيني وزير سينيٽر پرويز رشيد کي ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا م??بوط بنيادن تي مستحڪم آهن جيڪي ثقافت سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تسلسل سان وڏي تيزي سان اڳيان وڌي رهيا آهن. چيني وزير چيو ته هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن شاهراهه ريشم جي ڀرپاسي آباد ملڪ ثقافت جي ترقي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن لمحن ۾ پ??ڪستان جي هتي موجودگي تمام اهم آهي. ان نمائش ۾ دنيا جا 85 م??ڪ شرڪت ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم