اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته اڄ جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان ڪيترا??ي ڀيرا وڌيڪ پرامن، خوشحال ۽ م??تح??م آهي، پاڪستان کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڇي مان ڪڍي ا??تح??ام ۽ روشن خيالي جي فضا ۾ آڻڻو آهي. هن اها ڳالهه اهم ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم گذريل ٻن ڏينهن دوران سفيرن جي ڪانفرنس ۾ جوڙيل سفارشن جي روشني ۾ پنهنجي ويزن کي واضح ڪندي پاڪستاني سفيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ دنيا آڏو پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ آسان آهي، توهان پوري اطمينان سان پاڪستان جو تصور دنيا آڏو رکي سگهو ٿا ۽ عالمي برادري کي اهڙي مستقبل طرف ڌيان ڇڪ??ائي سگهي ٿو جنهن ۾ معاشي خوشحالي به آهي ?? سرمائي جو يقيني تحفظ به آهي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس