اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي وفاقي ايجنسين جي ذريعي موثر رابطن ۽ ڳجهي معلومات جي مٽاس??ا سان دهشتگردي کي روڪڻ جي باري ۾ سهولت فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ا??لا?? جي صدارت ڪندي چئي. ا??لا?? ۾ ملڪ جي داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف رخن جي باري ۾ تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ڊي جي انٽيلي جنس بيورو آفتاب سلطان شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن