گ??يل قومون-07 مارچ (اي پي پي) پ??ڪس??ان گ??يل قومن جي سلامتي ڪائو??سل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغان عبوري حڪومت کي ڪالعدم تحريڪ طالبان پ??ڪس??ان (ٽي ٽي پي) سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي پ??ڪس??ان جي مطالبي جي حمايت ڪري جيڪو پ??ڪس??ان جي فوجي ۽ سولين هدفن تي حملن لاءِ مسلسل زميوار آهي. گ??يل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 15 رڪني سلامتي ڪائو??سل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران خبردار ڪيو ته القاعده ۽ ڪجهه رياستي سرپرستن جي حمايت يافته ٽي ٽي پي جلد ئي عالمي دهشتگردي جي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پ??ڪس??اني نمائندي چيو ته افغان عبوري حڪومت جي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ان جي پنهنجي علائقي تي مڪمل ڪنٽرول جي ان دعويٰ جي ابتڙ آهي ته هو عالمي برادري جي شناخت جي خواهشمند آهي. هن گ??يل قومن تي به زور ڀريو ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪري ته ٽي ٽي پي جديد فوجي ساز ۽ سا??ان ۽ هٿيارن ڪيئن حاصل ڪيا ۽ ٽي ٽي پي جي مالي مدد جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي، ج??ڪا ان جي 50 هزار جنگجوئن ۽ ان جي ڪفالت هيٺ ماڻهن ۽ ان جي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلامتي ڪائو??سل پ??ڪس??ان جي ان مطالبي جي حمايت ڪندي ته افغان حڪومت ٽي ٽي پي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ۽ ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن کي پ??ڪس??ان يا ٻين پاڙيسري ملڪن خلاف سرحد پار حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پ??ڪس??اني نمائندي افغان جي صورتحال تي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي ڪجهه اعتراض به پيش ڪيا، ج?? ۾ پ??ڪس??ان ۾ تحفظ جي نامناسب ماحول جي دعويٰ به شامل آهي. ان حوالي سان هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پ??ڪس??ان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تقريبن 50 لک افغان پناهگيرن کي عالمي برادري جي تمام گهٽ مدد سان وڏي اقتصادي، سماجي ۽ سلامتي جي قيمت تي ميزباني ڪري رهيو آهي.
سلامتي ڪائونسل افغان عبوري حڪومت کي ٽي ٽي پي سان لاڳاپا ختم ڪرڻ تي زور ڀري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ