نيويارڪ-18 جنوري (اي پي پي)آمريڪي مئگزين فوربز دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي فهرست جاري ??ري ??ڏي، پنهنجي تازي رينڪنگ ۾ آمريڪي ڊ??لر کي 10 هون نمبر ڏنو ويو. فوربز لکيو آهي ته گڏيل قومن ۾ 180 ڪرنسين کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر ڪنهن به ڪرنسي جي مقبوليت يا ان جو وڌيڪ استعمال ان جي مستحڪم هجڻ جي علامت ناهي، مئگزين جي 10 جنوري تي جاري ??يل رينڪنگ ۾ ڪويتي دينار طاقتور هجڻ جي اعتبار سان پهرين نمبر تي آهي جنهن جي ماليت 3.25 ڊالر جي ??را??ر آهي. ٻيو نمبر بحريني دينار جو آهي جنهن ماليت 2.65 ڊالر آهي، عماني ريال 2.60 ڊالر سان ٽئين نمبر تي، اردني دينار 1.41 ڊالر سان چوٿين نمبر تي، جبرالٽر ۽ برطانوي پائونڊ 1.27 ڊالر سان پنجين نم??ر ۽ ڇهين نمبر تي آهن، ستون نمبر ڪيمين آئي لينڊ ڊالر آهي جنهن جي ماليت 1.20 ڊالر آهي، سوئٽزرلينڊ جو فرانڪ 1.17 ڊالر ماليت سان اٺين نمبر تي جڏهن ته يورو 1.9 ڊالر ماليت سان نائين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ آمريڪي ڊ??لر جو نمبر آهي، آمريڪي ڊ??لر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ اڪثر بنيادي ريزور ڪرنسي ڳڻتي ويندي آهي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي طاقتور هجڻ جي اعتبار سان هي ڪيترين ئي ڪرنسين کان هيٺ آهي.
آمريڪي مئگزين فوربز پاران دنيا جي طاقتور ترين 10 ڪرنسين جي لسٽ جاري، ڪويتي دينار پهرين جڏهن ته آمريڪي ڊالر آخري نمبر تي برقرار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ