پئرس-12 ج??ور?? (اي پي پي) عالمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 2023ع ۾ تجديد جوڳي توانائي (ريونيو ايبل انرجي) ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. اردو نيوز موجب عالمي توانائي ايجنسي گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته ايندڙ 5 سال ۾ متبادل توانا??ي جي پيداوار ۾ وڏو اضافو متوقع آهي. عالمي توانائي ايجنسي چيو ته دنيا جي توانا??ي جي نظام ۾ گذريل سال شامل ڪيل تجديد جوڳي توانائي ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته سولر پي وي ذريعي سڄي دنيا ۾ توانائي ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو، اهڙي طرح 510 گيگاواٽس تائين پهچي وئي. عالمي ايجنسي موجب چين ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ سولر ا??رجي پيدا ڪئي و??ي جيڪا ايتري توانا??ي جي برابر ه??ي جيڪا سڄي دنيا ۾ 2022ع ۾ سج جي روشني سان پيدا ڪئي وئي هئي. چين هوا مان حاصل ڪيل توانائي ۾ هر سال 66 سيڪڙو اضافو ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته يورپ، آمريڪا ۽ برازيل ۾ به گذريل سال رڪارڊ رينيوايبل انرجي پيدا ڪئي وئي. عالمي توانائي ايجنسي جي سربراهه فاتح بيرول چيو ته موجوده پاليسيون ?? مارڪيٽ جي صورتحال اها ظاهر ڪري ٿي ته دنيا ان حوالي سان 2030ع لاءِ رکيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي رستي ت?? گامزن آهي.
تجديد جوڳي توانائي ۾ 2023ع ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو: توانائي واري عالمي ايجنسي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر