واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته آمريڪي عملدار آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳ??اڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهن. ان شخص کي خالصتان جي حامي اڳ??اڻ گرو پتونت سنگهه پنن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي اهلڪار ڀرتي ڪيو هو. پرڏيهي صحافي جي سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجما?? چيو ته ان معاملي جي آمريڪا ۾ به جاچ ٿي رهي آهي جنهن سبب ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون. ه?? چيو ته جڏهن اهو مبينه واقعو اسان جي نوٽيس ۾ آندو ويو ته اسان پنهنجي حڪومت جي اعليٰ ترين سطح تان ڀارتي حڪومت کي اعليٰ سطح تي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته اسان ان طرح جي معاملن ۾ تمام گهڻو سنجيده آهيون. ه?? چيو ته ڀارتي حڪومت ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان ان جاچ جي نتيجن جا منتظر آهيون. ترجما?? چيو ته آمريڪا واضح ڪيو هو ته هو عالمي سطح تي جارحيت تي ٻَڌل قدمن جي مخالفت ڪري ٿو، چاهي اهو ڪٿي به ٿيو هجي يا ڪير به ان کي ڪري رهيو هجي ۽ ان جا اهي ريمارڪس صرف ڀارت نه ائين ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ آهن. آمريڪي عملدارن مطابق ڀارتي سرڪاري ملازم جوابدار کي سک اڳ??اڻ بابت ڄاڻ جنهن ۾ فون نمبر، روزمره جي معمول ۽ گهر جي ايڊريس فراهم ڪئي ۽ ان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.
آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : loteria estadual