گڏيل قومون-27 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم عيد??لا??حيٰ تي ڪشميري عوام کي پنهنجي حقِ خودا??اد??ت لاءِ ڪيل جرئتمنداڻي جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالالضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون آهن. هن آمريڪا ۾ 28 جون تي عيدالضحيٰ جي ??وق??ي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد جي ??وق??ي تي اسلام جي ناقابل اصولن موجب انهن سمورن فردن جي حمايت ۽ انهن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو وڃي جيڪي جنگ، وبا، استحصال ۽ غير ملڪي قبضي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هيءَ عيد ڄمون ڪشمير ۾ اسان جي بهادر ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي جيڪي پنهنجي آزادي ۽ حق خودا??اد??ت لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اچو اسان هن عيد تي عالمي سطح تي بُک کي ختم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ عدم مساوات، ناانصافي ۽ اڻ??را??ريءَ واري سلوڪ کي ختم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن سمورن مسلمانن کي عيد??لا??حيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهش جو به اظهار ڪيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي جو ڪشميري عوام جي جدوجهد تي خراجِ تحسين پيش، مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ