اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي جاري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل ق??من جي قراردادن موجب حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو پرڏيهي معاملن واري وزارت جي حصيداري سان ينگ پارليامينٽرين فورم جي اهتمام هيٺ ڪشمير بابت ٻن ڏينهن واري عالمي پارلياماني سيمي??ار جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ڪشم??ر جي حوالي سان عالمي پارلياماني سيمي??ار منعقد ڪرڻ کي وقت سر قرار ڏيندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي سڃاڻپ جو لا??مي جز آهي، اسان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اسان انهن جي خوشي ۾ خوش ۽ انهن جي ڏک ۾ ڏکائتا ٿي ويندا آهيون.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔