گڏيل قومون _ 10 سيٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ عالمي بر??دري ڪردار ادا ڪري . العربيه مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن واري ??داري ??ي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ جنيوا ۾ عالمي انساني حقن جي ڪائونسل جي 57 هين اجلاس جي افتتاح جي موق??ي تي پنهنجي خطاب ۾ چئي. وولڪر ترڪ چيو ته غزه جي پٽي ۾ اٽڪل هڪ سال کان جاري ??نگ کي ختم ڪرڻ اولين ترجيح آهي ، رياستن کي قانون جي ڀڃڪڙي کي قبول نه ڪرڻ گهرجي ، عالمي قانون بشمول سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت پاران گذريل جولاءِ ۾ جاري هڪ رائي جو حوالو پڻ ڏنو جنهن ۾ عدالت اسرائيل جي قبضي کي غير قانوني قرار ڏنو ۽ چيو هو ته ان صورتحال کي جامع انداز ۾ حل ڪرڻ گهرجي. سندس اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن اسرائيلي فورسز اٽڪل 10 ڏينهن اڳ اولهه ڪناري ۾ هڪ وڏي آپريشن شروع ڪري ??نين ۽ طولڪرم سميت ڪيترن شهرن تي حملا ڪيا. انهن ڪارروائين ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿيا . اسرائيلي فوجي آپريشن ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيو ويون ۽ بنيادي ڍانچي کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي.
اسرائيل اولهه ڪناري عالمي قانون جي کليل ڀڇڪڙي ڪري رهيو آهي، عالمي برادري روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ