رياض – 09 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ اومان ثقافت جي مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار جي يادداشت تي صحيون ڪري ڇڏيون آهن. سرڪاري خا??رو اداري مطابق سعودي خا??رو اداري مطابق سعودي ثقافت واري وزير شهزاده بدر بن عبدالله بن فرحان ۽ اومان سلطنت جي ثقافت واري وزير ذي يزن بن هيصم آل سعيد ٻنهي ملڪن جي وزارتن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون آهن. سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تحت ڌريون ورثي، تعمير ۽ ڊيزائن جي فن، بصري آرٽ، پرفارمنس آرٽ، ادب، ڪتابن، لسانيات، ترجمي، ڪپڙن، اسلامي سجاوٽ، فلمن ۽ پڪوان جي روايتي آرٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪنديون. مفاهمتي يادداشت تحت سعودي عرب ۽ اومان سلطنت جا ثقافت جي شعبي کي منظم ڪرڻ جي پاليس??ن ۽ ضابطن جي حوالي سان تجربن جي ڏي وٺ ڪندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ