نيويارڪ-23 فيبروري (اي پ?? پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ روس کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر مطابق فوري طور تي پ??هنجي فوج يوڪرين مان واپس سڏائي. يوڪرين تي روس جي فوجي چڙهائيءَ کي ٻيو ??ال شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ عالمي ??داري پ??هنجي يارهين خصوصي هنگامي ??جلاس ۾ هڪ نئون ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنرل اسيمبليءَ جي 141 ميمبر ملڪن ان ٺهراءَ جي حق ۾، جڏهن ته 7 ملڪن ۾ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ بيلاروس، جمهوريه ڪوريا، ايريٽيريا، مالي، نڪارا گوا، روس ۽ شامل آهن. چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت 32 ملڪن راءِ شماريءَ ۾ حصو نه ورتو. 11 پيراگراف تي ٻَڌل ٺهراءَ ۾ جنرل اسيمبليءَ ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته روس فوري طور تي مڪمل ۽ غير مشروط طور تي پ??هنجي فوج يوڪرين جي علائقن مان واپس سڏائي ۽ جنگ ختم ڪري. ان ٺهراءَ ذريعي جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غذائي ت??فظ، توانائي، ماليات، ماحوليات ۽ ايٽمي ??لامتي ۽ تحفظ تي ان جنگ جي عالمگير اثرن کان بچڻ لاءِ ايڪتا جي جذبي ت??ت سهڪار ڪن. جٽادار امن جي اهتمام لاءِ انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جنرل اسيمبلي سمورن ميمبر ملڪن کي اهو به چيو ته اهي انهن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪن. اجلاس جي شروعات ۾ ان ٺهراءَ تي بحث ٿيو جنهن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي صدر سابا ڪوروشي جو چوڻ هو ته سڄو ??ال اسيمبلي جا 193 ميمبر، سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي ??رادري ان جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ۽ کُليل نموني مطالبو ڪندا رهيا آهن. جنرل اسيمبلي يوڪرين جي عالمي ??ور تي ت??ليم ٿيل سرحدن ۽ سامونڊي حدن ۾ ان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتيءَ سان پنهنجي وابستگيءَ کي ٻيهر توثيق ڪئي. ٺهراءَ ۾ اهو يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته عالمي قانونن تحت يوڪرين ۾ انتهائي سنگين ڏوهه جي زمري ۾ آيل قدمن جي آزاد، قومي يا عالمي ??حقيقات ۽ قانوني ڪارروائي يقيني بنائي وڃي ته جيئن سمورن متاثرن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي. جمعي ڏينهن عالمي ??داري بيلاروس طرفان ٺهراءَ ۾ تجويز ڪيل ٻه ترميمن کي رد به ڪيو. پهرين تجويز مطابق ٺهراءَ جي ڪيترن ئي شرطن کي ت??ديل ڪر??و هو ۽ ٻي شرط تحت اسيمبليءَ کي ميمبر ملڪن کي چو??و هو ته اهي ٻين ڳالهين کان علاوه جنگ سٽيل علائقي ۾ هٿيار اُماڻڻ کان پاسو ڪن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي جو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا