اسلام آباد – 04 آ??سٽ (اي پي پي) ڪشمير جي ??ختلف پارٽين ??ان تعلق رکندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته 5 آگست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جو قدم گڏيل قومن جي ??راردادن جي خلاف ورزي آهي، ان قدم جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا، 10 لک هٿياربند فوج جي ??وجودگي جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد تان هڪ قدم پٺتي نه هٽائي سگهيو. اي پي پي ??ان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ??انونساز اسيمبلي جي ??يمبر سحرش قمر چيو ته 5 آ??سٽ کانپوءِ ڪشمير ۾ تاريخ جو بدترين ڪرفيو آهي، 10 لک فوج معصوم ڪشميرين جو گهيراءُ ڪري رکيو آهي، عدالت کان مٿانهون قتلام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي گڏيل قومن جي ??راردادن جي خلاف قدم جو نوٽيس وٺي. ڀار?? ڄاڻي وٺي طاقت جي زور تي ڪشميرين کي وڌيڪ دير تائين غلام نه ٿو رکي سگهجي. جماعت اسلامي عورتن جي اڳواڻ ۽ قانونساز اسيمبلي جي ??يمبر رفعت عزيز چيو ته 5 آ??سٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي ۽ انڊين آئين ۾ ترميم ڪندي شق 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري والاريل ڪشمير کي انڊين يونين ۾ ضم ڪري ڇڏيو ان ??ان گڏ ئي پوري واديءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هنيو ويو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ۽ ڪشميرين تي ڏاڍ ۽ تشدد جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو، پوري واديءَ گڏيل جيل خاني ۾ تبديل ٿي وئي، گهرن جي اندر ٽوڙ ڦوڙ، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن تي بدترين تشدد، اغوا ۽ گم ڪرڻ جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ??اءِ هندوئن جي آبادي جي ??نصوبي تي تيزي ??ان عملدرآمد شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ هڪ سال گذرڻ جي باوجود جاري آهي. رفعت عزيز چيو ته سموري ڏاڍ ۽ تشدد ۽ بي رحماڻي ظلم جي باوجود ڀارت آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيو آهي، ان دوران گڏيل قومن ۽ عالمي برادري جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ رهيو، ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خلاف ورزين جون رپورٽون منظرعام تي اچي ويون پر ڪشميرين جي ??دد جا ڪا حڪمت عملي ڪنهن به سطح تي نه آندي وئي.
5 آگست 2019ع ڪشميرين جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: ڪشميري عورت پارليامينٽرين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج