اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) هچ??سن پورٽس ڪمپنيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تحت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل تي پنهنجي آپريشنز کي هٿي ڏيڻ جي موقعن کي تلاش ڪرڻ لاءِ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ميري ٽائيم افيئرز سيد ظفر علي شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ سميت اعليٰ عملدارن ش??ڪت ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وزير، هچ??سن جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ سندن ڪاروباري قدمن لاءِ وزارت جي غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. هن اثرائتي ٽرمينل آپريشنز جي اهميت تي زور ڀريني ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ترقيءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير چيو ته وزارت سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هچ??سن پورٽس سان مڪمل تعاون ڪندي. سندس چوڻ هو ته بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي يقيني بنائڻ لاءِ هچ??سن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا ۽ اسان جي مدد جاري رکنداسين. ملاقات ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ هچ??سن پورٽس جي انتظاميه وچ ۾ جاري ڪوششن تي روشني وڌي، جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي فائدو پهچائڻ واري اسٽريٽجڪ بهتري تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران وفاقي وزير عالمي ميري ٽائيم آپريش??ز لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي فعال نقطه نظر تي زور ڀريو. هچ??سن پورٽس جي نمائندن ترقيءَ لاءِ هڪ ويزن ۽ ٽرمينل تي پنهنجي خدمتن جي آڇ کي وڌيڪ وڌائڻ جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين پنهنجي تعاون جي مستقبل ۽ علائقائي معيشت تي ان جي مثبت اثرن جي باري ۾ اميد جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان هچيسن پورٽ ڪمپنيءَ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث