صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو


APP51-170222 ISLAMABAD: February 17 – President Dr. Arif Alvi conferring the award of Hilal-e-Pakistan on William Henry Gates III (Bill Gates) in recognition of his services for the eradication of polio and the betterment of the people of Pakistan in an investiture ceremony held at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا

متعلقہ مضامین