اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??وا?? شريف ڀارت تي زور ڏن?? آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ شفاف ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرڻ جي اجازت ڏي، ڀارتي گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي بهادر عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي جنهن جو عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي انهن سان واعدو ڪيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خ??اف ورزين، ڀارتي فورسز پاران بيگناهه ڪشميرين تي ظلم جي خ??اف آواز بلند ڪري ۽ ڄمون ڪشمير جي عوام سان 70 سال اڳ ڪيل واعدن کي عملي جا??عو پارائي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم ??وا?? شريف پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي ۽ بنيا??ي انساني حق خاص طور تي خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد ۾ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جي عزم کي ورجائي ٿي.
ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے