واشنگٽن – 7 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي ر??است لوزيانا ۾ برڊ فلو سبب 65 سا??ن جو شخص فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته صحت کاتي جو چوڻ آهي ته عوامي سطح تي ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي . پرڏيهي ميڊيا لوزيانا جي صحت کاتي جي حوالي سا?? ٻڌايو ته متاثر شخص ڊسمبر جي وچ ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيو هو . بيماري تي ضابطو آڻڻ بابت آمريڪي سينٽر (سي ڊي سي ) کيس ايڇ فائيو اين ون وائرس جو متاثر ٿيل ملڪ جو پهريون ڪيس قرار ڏنو. صحت کاتي مريض جي فوتگي جي حوالي سا?? جاري بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ عام ماڻهو لاءِ خطرو گهٽ آهي پر جيڪي ماڻهو پکين، پولٽري ۽ ڳئون جي سار سنڀال يا ان سا?? لاڳاپيل ڪم ڪندا آهن انهن لاءِ خطرو وڌيڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پالتو ۽ جنگلي پکين سا?? رابطي ذريعي مريض ايڇ فائيو اين ون وائرس سبب متاثر ٿي ويو هو پر انسان مان ڪنهن ٻئي انسان ۾ وائرس منتقل ٿيڻ جي ڪا شاهدي ناهي ملي. آمريڪا جي برائون يونيورسٽي ۾ اپيڊيمالوجي جي پروفيسر جينيفر نوزو ٻڌايو ته ڪجهه ڊيٽا موجود آهي جنهن مان ظاهر آهي ته اهو وائرس موتمار ٿي سگ??ي ٿو پر جنهن وائرس جي حوالي سا?? اسان کي خدشو رهندو آهي ان مان وڌيڪ ايڇ فائيو اين ون وائرس موتمار ٿي سگ??ي ٿو. جينيفر نوزو جو چوڻ آهي ته کيس وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي ر??ندي آهي ته وائرس جي پکيڙ تي ضابطو نٿو آندو وڃي. 1996ع ۾ پهريون ڀيرو ايڇ فائيو اين ون وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي پر 2020ع کان پکين ۾ گهڻي حد تائين پکڙجڻ شروع ٿيو جڏهن ته کير ڏيندڙ جانور به ان مان متاثر ٿيا آهن. صحت جي عالمي اداري 2023 کان 24 ملڪن ۾ برڊ فلو جا 950 ڪيس رڪارد ڪيا آهن. جنهن مان وڌيڪ ماڻهو چين ۽ ويٽنام ۾ متاثر ٿيا.
آمريڪا ۾ برڊ فلو سبب پهرين فوتگي رڪارڊ، ڪنهن وڏي خطري جو خدشو ناهي: صحت کاتو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت