گڏيل قومون-04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڀريندي ا??رائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل فلسطيني علائقن کي خالي ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جون 2025ع ۾ عالمي ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جو مطالبو به ڪيو آهي ته جيئن ٻه رياستي حل لاءِ سفارتي ڪوششون ٻيهر شروع ڪري سگهجن. گڏيل قومن ۾ گذريل ڏينهن پيش ڪيل ٺهراءَ جي حق ۾ 157 ۽ مخالفت ۾ 8 ووٽ پيا. آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 8 ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا جڏهن ته 7 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. جنرل اسيمبلي ا??رائيل ۽فلسطين جي ٻه رياستي حل لاءِ عالمي قانون موجب غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. اسيمبلي چيو ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن اندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. جنرل اسمبلي ٻه رياستي حل کي حقيقت بنائڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ نئين جان وجهڻ لاءِ ايندڙ سال جون ۾ نيويارڪ ۾ عالمي ا??لاس طلب ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ فرانس ان اعليٰ سطحي ا??لاس جي گڏيل صدارت ڪندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني عوام جي بنيادي حقن خاص طور تي خو??اراديت واري حق ۽ ان جي آزاد رياست جي حق جو مطالبو ڪيو.گڏيل قومون سمجهن ٿيون ته اولهه ڪناري، ا??ڀر بيت المقدس ۽ غزه جي پٽي تي ا??رائيل غير قانوني قبضو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ