بيجنگ -27 نومبر (اي پي پي) چين جي حڪومت دفاع واري وزير ڊونگ جون خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مط??بق ڊونگ جون چين جو ٽيون دفاع وارو وزير آهي جيڪو ڪرپشن جي الزامن تي جاچ هيٺ آيو آهي. صورتحال کان واقف موجوده ۽ اڳوڻي آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز چيو آهي، ته ڊونگ خلاف جاچ فوجي بد??نواني خلاف چين جي حڪومت جي وسيع تر جاچ جو حصو آهي، ڊونگ جون اڳوڻو سامونڊي ڪمانڊر آهي جنهن کي گذريل سال ڊسمبر ۾ لي شنگ فو جي جاءِ تي دفاع جو وزير بڻايو ويو هو. لي شنگ فو وٽ اها وزارت رڳو 7 مهينا هئي ۽ کيس ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي حڪمران ڪميونسٽ پا??ٽي مان ڪڍيو ويو هو. بيجنگ گذريل سال دوران هٿياربند فوج ۾ مبينه بد??نواني خلاف ڪريڪ ڊائون کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي،هن مهيني صدر شي جن پنگ فوج ۾ بد??نواني جي خاتمي ۽ پنهنجي جنگي تياري کي مضبوط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چين جي ڳجهي راڪيٽ فورس جيڪا چين جي روايتي ۽ ايٽمي ٻنهي طرح جي اسٽريٽجڪ ميزائلن جي وسيع هٿيارن جي نگراني ڪندي آهي کي خاص طور تي سخت جاچ پڙتال جو منهن ڏسڻو پيو. جولاءِ ۾ راڪيٽ فورس جي هڪ اعليٰ چيني اهلڪار سن جن منگ کي حڪمران ڪميونسٽ پا????ي ??ان ڪڍيو ويو هو، کيس بد??نواني، پا??ٽي نظم و ضبط ۽ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙين جي الزام ۾ جاچ هيٺ رکيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا مط??بق ڊونگ جون بابت پڇاڻو ڪرڻ تي نه ته بيجنگ جي پرڏيهي وزارت ۽ نه ئي واشنگٽن ۾ سندس سفارتخاني ڪو جواب ڏنو آهي.
چين جي حڪومت پاران دفاع واري وزير ڊونگ جون خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز